جعفر علي ارغون

جعفر علي ارغون: جعفر علي ارغون ميرزا ابوالقاسم ٺٽويءَ جو دوست هو، ترخانن جي دؤر ۾ جڏهن مير ابوالقاسم ٺٽويءَ وقت جي حاڪم ميرزا غازي بيگ ترخان کي اهو لکي موڪليو ته: ”ملڪ جون حدون مقرر ڪيون وڃن ته جيئن امن امان ۽ خون خرابي کانسواءِ ملڪي نظام هلائي سگهجي“ ته ميرزا غازي بيگ اهو پيغام ٻڌي جنگ لاءِ تيار ٿيو، پر ميرزا ابوالقاسم ٺٽويءَ جي بهادريءَ کان خائف ٿي، هن دوکي سان ڪن ماڻهن جي مدد سان مير ابوالقاسم کي پاڻ وٽ گهرائي، سندس اکين ۾ سرائي گهمائي کيس انڌو ڪرائي ڇڏيو، هن سان گڏ سندس دوست جعفر علي ارغون کي به گرفتار ڪيو ويو، ميرزا جاني جي زال مير ابوالقاسم جي ڀيڻ هئي، جنهن وجهه وٺي پنهنجي ڀاءُ مير ابوالقاسم کي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ڪرايو. مير ابوالقاسم ۽ جعفر علي ارغون ڀڄي وڃي جهنگ ۾ لڪا، پر ميرزا غازيءَ جي سپاهين ڳولي لڌو، هنن ساڻن ويڙهه ڪئي. نيٺ مير ابوالقاسم گرفتار ٿيو ۽ جعفر علي ارغون وڙهندي وڙهندي مارجي ويو. جعفر علي ارغون جو سر قلم ڪري ٻه ڏينهن بازار ۾ لٽڪائي ڇڏيائون. تحفة الڪرام جو مصنف لکي ٿو ته: ”جعفر علي ارغون وڏو بهادر هو ۽ پنهنجي مهربان دوست مير ابوالقاسم سان وفاداري ڪندي پنهنجي جان ڏنائين. “


لفظ جعفر علي ارغونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو